گمبٽ (ن پ ا) ڊرٻ ميهر شاهه ۾ نوجوان راشد وساڻ جيري جي عارضي ۾ مبتلا ٿيڻ واريون خبرون ميڊيا تي اچڻ بعد گمس ڊائريڪٽر ڊاڪٽر رحيم بخش ڀٽي نوٽيس ورتو بيمار نوجوان راشد وساڻ کي گمس گهرائي جيري جي وارڊ ۾ داخل ڪرائي سندس جي عيادت پڻ ڪئي. گمس ڊائريڪٽر جو چوڻ هو ته ميڊيا تي خبرون ڏسي نوجوان جي وارثن سان رابطو ڪري بيمار نوجوان کي گمس اسپتال ۾ فري علاج ڪرائڻ لاءِ چيو ۽ راشد وساڻ کي سرڪاري گاڏي ذريعي ڳوٺان کڻي اچي گمس اسپتال ۾ داخل ڪرايو آهي جنهن کي فرسٽ ايڊ ڏيڻ بعد ان جو جيري ۽ دل جو ٽيسٽون ڪرايو آهن رپورٽون اچڻ بعد وڌيڪ علاج ڪيو ويندو. گمس ڊائريڪٽر جو چوڻ هيو ته راشد وساڻ انتهائي غريب فيملي سان تعلق رکي ٿو جنهن جو سمورو خرچ گمس انتظاميان برداشت ڪندي ۽ جيري جو ٽرانسپلانٽ پڻ مفت ۾ ڪيو ويندو.