قاصي احمد ۾ هندو ڪٽنب يرغمال: ناري مبينا اغوا: جاچ ڪميٽي قائم

0
533
قاصي احمد ۾ هندو ڪٽنب يرغمال
قاصي احمد ۾ هندو ڪٽنب يرغمال: ناري مبينا اغوا: جاچ ڪميٽي قائم

قاضي احمد: قاضي احمد شهر مان نوجوان ھندو ناري سوھانا مبينا طور اغوا ٿي وئي آهي، ايس ايس پي بينظير آباد وارثن جي دانهن تي جاچ لاءِ ڪميٽي جوڙي ڇڏي آهي

دوست محمد ڪالوني ۾ دليپ ڪمار جي گهر تي ٽن ڄڻن داخل ٿي گهر ڀاتين کي يرغمال بڻائي مبينا طور ڪمري ۾ بند ڪري ڇڏيو، جنهن بعد ناري سوهانا کي اغوا ڪيو ويو

ناري سوھانا جي پيُ دليپ ڪمار لڙڪ لاڙيندي ٻڌايو ته منهنجي هڪ ئي نياڻي آھي، جنهن کي گهر مان زبردستي اغوا ڪيو ويو آھي، هن الزام هنيو ته بچل پور جي علائقي سان تعلق رکندڙ جوابدار اختر گبول، سارنگ خاصخيلي ۽ فيضان جٽ گهر اندر داخل ٿي نياڻي کي اغوا ڪيو آھي، جڏهن ته جوابار گهر مان سون ۽ ھڪ لک 30 هزار روڪ به کڻي ويا آھن

ھوڏانهن مبينا اغوا ٿي ويل ناري جي وارثن ايس ايس پي شھيد بينظيرآباد سان ملاقات ڪري واقعي بابت آگاھي ڏني ۽ نياڻي جي واپسي لاء مدد طلب ڪئي آھي

ايس ايس پي سي آءِ اي پوليس انچارج اسپيڪٽر ثناءُ الله پنهور جي اڳواڻي ۾ جاچ ٽيم جوڙيندي کيس هدايت ڪئي آھي ته فوري طور تي اغوا ٿيل ناري کي بازياب ڪرايو وڃي

ٻئي پاسي ٻڌايو پيو وڃي ته جاچ پوليس واقعي ۾ ملوث ٻن  مبينا جوابدارن سارنگ خاصخيلي ۽ فيضان جٽ کي گرفتار ڪري جاچ به شروع ڪري ڇڏي آھي

هن کي به پڙهندا

راڻيپور مان لڏي شڪارپور ويندڙ ڪٽنب يرغمال، ناري کنڀڻ جي ڪوشش

مڙس جَي هوندي ٻيو نڪاح ڪيئن ڪيان؟ خيرپور ۾ ناري جو وارثن خلاف احتجاج