مڙس جَي هوندي ٻيو نڪاح ڪيئن ڪيان؟ خيرپور ۾ ناري جو وارثن خلاف احتجاج

0
404
خيرپور ۾ ناري جو وارثن خلاف احتجاج
مڙس جَي هوندي ٻيو نڪاح ڪيئن ڪيان؟ خيرپور ۾ ناري جو وارثن خلاف احتجاج

خيرپور ۾ ميرواهه جي ناريءَ مائٽن خلاف احتجاج ڪندي مڙس کان ڌار ڪري نڪاح مٿان نڪاح ڪرائڻ جي ڪوشش جا الزام هنيا آهن

ڳوٺ ڏاتو خان دستي جي رهواسڻ ناري بادشاهه دستي مڙس وحيد حسين دستي سان گڏجي خيرپور پهچي مائٽن غلام قادر دستي، چاچن موٽڻ دستي، شبير دستي، بااثر خير محمد دستي ۽ مسمات منظوران دستي خلاف احتجاج ڪيو

ھن ٻڌايو ته سندس شادي 10 اپريل 2023 تي ٿي جنهن بعد مائٽن مڙس وحيد حسين دستي کان ڌار ڪري نڪاح مٿان نڪاح ڪرائڻ لاءِ گهر ۾ باندي بڻائي تشدد جو نشانو بڻايو

 هن ٻڌايو ته وجهه وٺي مڙس وحيد حسين دستي وٽ پهتي آهيان ۽ ان سان زندگي گذارڻ چاهيان ٿي، نوٽيس وٺي تحفظ فراهم ڪيو وڃي