حيدرآباد (بيورو رپورٽ) حيدرآباد جي عدالت قاسم آباد جي اڳوڻي مختيارڪار  ۽ نسيم نگر پوليس تي حملي ڪيس ۾ گرفتار 16 جوابدارن جي ضمانت واري درخواست تي شنوائي 5 آگسٽ تائين ملتوي ڪري ڇڏي آهي. جوابدار اسماعيل سومرو، علي محمد، عبدالحميد، علي نواز، علي حسن، محمد يوسف، محمد ايوب، فيروز گل، مير محمد، منصور علي، محمد حسين، عبدالرحمان، محمد قاسم، اياز علي، يوسف ۽ محمد علي سومرو سميت 16 ڄڻن ضمانت لاءِ درخواست ڏني هئي. گذريل ڏينهن شنوائي دوران مختيارڪار جي وڪيل وڪالت نامو جمع ڪرائيندي مهلت طلب ڪئي. سيڪنڊ ايڊيشنل ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشن جج جي عدالت وڪيل جي استدعا بعد شنوائي 5 آگسٽ تائين ملتوي ڪئي. يادر هي گذريل سال قاسم آباد جي اڳوڻي مختيارڪار ماجد خاصخيلي جي اوطاق مان سندس مالهي نوجوان عثمان سومرو جو گولي لڳل لاش مليو. اطلاع تي سندس وارثن اوطاق تي حملو ڪيو جنهن دوران مختيارڪار ماجد علي خاصخيلي، سندس ڀاءُ واجد علي خاصخيلي ۽ نسيم نگر جي سب انسپيڪٽر انعام جوڻيجو سميت ٻن اهلڪارن کي تشدد جو نشانو بڻائڻ جو ڪيس 60 ڄڻن خلاف داخل ڪيو هو.