فيض گنج (ن پ ا) فيض گنج لڳ جوابدار خنجر جا وار ڪري پ پ اڳواڻ سميت 2 ڄڻن کي زخمي ڪري ڇڏيو، ان ڏس ۾ ڳوٺ مزار خان چانگ ۾ جوابدار خنجر سان حملو ڪري پ پ اڳواڻ ۽ اڳوڻي ٽائون ڪاميٽي پڪاچانگ جي وائيس چيئر مين شجاعت چانگ جي پيءُ  اصغر چانگ ۽ شهري اتحاد  جي  صدر احمد حسين چانگ جي پٽ طارق چانگ کي شديد زخمي ڪري ڇڏيو، زخمين کي اسپتال منتقل ڪيو ويو، ان حوالي سان   زخمين جو چوڻ هو ته اسان اوطاق تي ويٺا هئاسين ته بناجواز جوابدار  حملو ڪري اسان کي خنجر هڻي زخمي ڪيو آهي، ٻي طرف  پوليس ٻڌايو ته جوابدار ٻن ڄڻن کي زخمي ڪيو آهي، حملي جو ڪارڻ معلوم نه ٿي سگهيو آهي، جوابدار کي گرفتار ڪيو آهي.