شيخ ڀرڪيو (ن پ ا) شيخ ڀرڪيو ويجهو شادي شده عورت مبينا طور گهر اندر ڦاهو کائي آپگهات ڪري ڇڏيو. حيدرآباد ٻهراڙي جي علائقي پٻڻ ٿاڻي جي حد جهڻ  موري ڀرسان  غربت سبب 25 ورهين جي شريمتي گوري زال گنگا رام ڪولهي گهر اندر رسو ٻڌي ڦاهي کائي ڇڏي اطلاع ملڻ  تي پٻڻ پوليس واقعي واري هنڌ پهچي لاش کي  لاٿو ۽ پوسٽ مارٽم لا سول اسپتال کڻائي وئي  رابطو ڪرڻ تي پٻڻ پوليس ٻڌايو ته واقعي جو ڪارڻ غربت ٻڌايو پيو وڃي، وڌيڪ جانچ ڪئي پئي وڃي.