خيرپورناٿن شاھ (ن پ ا) خيرپور ناٿن شاهه ۾ سنڌي ادبي سنگت شاخ ميھڙ پاران سنڌ جي نامياري اديب، محقق، عالم، تاريخدان، مترجم ۽ سنڌي ادبي سنگت جي اڳوڻي ضلعي رابطا سيڪريٽري  محمد امين مگسي جي ٻي ورسي ملھائي وئي. تقريب ۾ سنڌ جي ناميارن اديبن سڄاڻ ڌرين شرڪت ڪئي ، ان موقعي تي سنگت ميھڙ پاران محمد امين مگسي جا ڪتاب ڇپرائڻ جو اعلان ڪيو ويو، سنگت مرڪز پاران ادبي بورڊ جي ڍڳي واري لوگي جي بحاليء لاء تحريڪ ھلائڻ جو اعلان ڪيو. صدارتي خطاب ڪندي سنڌي ادبي سنگت سنڌ جي مرڪزي سيڪريٽري جنرل تاج جويي چيو ته محمد امين مگسي سنڌ جو سپوت ھو، ھو پر بھار ۽ سدا بھار شخصيت ۽ جديد علمن جو ڄاڻو ھو، سندس ڪتاب انسائيڪلو پيڊيا جي حيثيت رکن ٿا. سنگت مرڪز پاران ادبي بورڊ جي ڍڳي واري لوگي جي بحالي لاء تحريڪ ھلائينداسين. خاص مھمانن محمد امين مگسي جي ڀائرن علامه احمد ذھين مگسي، خواجه معين الدين مگسي ايڊووڪيٽ ۽ انجنيئر غلام مصطفي مگسي چيو ته محمد امين مگسي اسان جي خاندان جي سڃاڻپ ھو، ھن سماج کي تبديل ڪرڻ لاء جاکوڙ ڪئي ، وسيم آڪاش سيتائي چيو ته محمد امين مگسي ڪراچي ۾ ادبي سنگت کي ڪراچي ۾ منظم ۽ متحرڪ ڪيو، ھو سائين جي ايم سيد جو عاشق ۽ قومي تحريڪ جو جو حصو رھيو. نوجوان شاعر محقق مير حاجن مير چيو ته محمد امين مگسي ادب جي دنيا ۾ روشن خيال ۽ ترقي پسند فڪر جي آبياري ڪئي. نامياري شاعر عبد مگسي ،عرفان الحق مگسي، ارشاد علي ارشاد کوسو، سرمد بروھي، سليم مگسي ، قاضي عزيز الله عزيز مھيسر، جبران دانش کوسو، آزاد زنگيجو ،حذب الله ميھڙائي، حبيب حضوري، مولوي سڪندر ٻرڙو ، ساگر غلام حسين پنھور ، نور احمد جتوئي، اويس قرني ، قاضي لطف الله مھيسر ، علي عباس سوڍر ، ستار ڪلھوڙو ،عرفان چانڊيو ، سھيل عباسي ۽ ٻين خطاب ڪيو .