اسلام آباد (بيورو رپورٽ) وزير دفاع خواجه آصف چيو آهي ته تحريڪ انصاف تي پابندي لڳائڻ تي غور ڪري رهيا آهيون ميڊيا سان ڳالهائيندي وفاقي وزير چيو ته 9مئي جا واقعا اوچتو ناهن ٿيا اهي پوري رٿابندي سان ڪيا ويا آءِ ايس آءِ جي دفتر تي حملو ڪيو ويو ۽ جي ايچ ڪيو تي حملو ڪيو ويو. هن چيو ته فوجي عمارتن تي حملا عمران خان جو فوج خلاف اهو آخري حربو هو عمران خان احسان فراموش ماڻهو آهي. وفاقي وزير چيو ته عمران جا ڪڌا ارادا هئا جيڪي دشمن جا ٿي سگهن ٿا اهڙا ڪڌا ارادا ڪنهن ڀارتي جا ٿي سگهن ٿا پاڪستاني جا نٿا ٿي سگهن. خواجه آصف چيو ته ڀارت جيڪو نه ڪري سگهيو پاڪستان سان اهو عمران خان ڪيو عمران جي قدمن تي ڀارت ۾ جشن ملهايو ويو. وفاقي وزير چيو ته پي ٽي آءِ رياست کي چيلنج ڪيو آهي تحريڪ انصاف تي پابندي جو جائزو ورتو پيو وڃي. هن چيو ته هي پوري پي ڊي ايم جو فيصلو آهي، پي ٽي آءِ تي پابندي جو فيصلو ٿيو ته پارليامينٽ سان رابطو ڪيو ويندو ۽ پارليامينٽ کي اعتماد ۾ ورتو ويندووفاقي وزير چيو ته عسڪري قيادت کي به 9مئي واقعن تي تحفظات آهن هر اهو قدم کڻنداسين جنهن سان فوج جا حوصلا بلند  ٿين ۽ ٻيهر ڪير اهڙو قدم نه کڻي. نجي ٽي وي سان ڳالهائيندي هن چيو ته جي ايچ ڪيو، اسلام آباد جي ڪيمپ آفيس، لاهور جي جناح هائوس، پشاور جي ريڊيو پاڪستان تي حملا ڪرايا، ڪارڪنن کي سکيا ڏني وئي