ڪراچي(انٽريسٽنگ نيوز) اٺ جي نسل سان واسطو رکندڙ جانور لاما سڀ کان ڊگهو ٽپ ڏئي نئون عالمي رڪارڊ قائم ڪري ورتو. اهو جڳ مشهور لاما اٽلي جي هڪ هاري جو پاليل آهي جنهن 4 فٽ ۽ 3 انچ جو سڀ کان ڊگهو ٽپ ڏنو. گنيز بڪ آف ورلڊ رڪارڊز موجب هاري پاران اهو رڪارڊ هڪ ٽي وي شو ۾ قائم ڪرڻو هو پر بوٽنگ ڊي اورو نالي لاما ٽي وي شو جي ماحول مان مطمئن نه هجڻ جي ڪري ٻئي ڀيرا تار سان ٽڪرائجي ويو. گنيز بڪ آف ورلڊ رڪارڊز موجب ماحول کي ڏسندي ٽيون ڀيرو ٽپ ڏيارڻ جو تجربو لاما جي پنهنجي فارم تي ڪيو ويو جتي هن آساني سان 4 فٽ 3 انچ جو ٽپ ڏنو. لاما جي مالڪ چيو ته مون کي لاما جي ٽپ جي صلاحيت جي خبر تڏهن ئي ٿي ويو هو جڏهن ان کي ڊگها ٽپ ڏيندي ڏٺو هو.