فوجي سربراهن جون وفاداريون آئين ۽ اداري سان گڏ آهن: خواجه آصف

0
292
اسان جو آرمي چيف لاءِ

اسلام آباد: دفاع واري وزير خواجه آصف چيو آهي ته فوجي سربراهن جون وفاداريون آئين ۽ اداري سان گڏ آهن، عمران خان آرمي چيف جي مقرري واري معاملي کي تڪراري بڻائڻ گهري ٿو، عمران خان اقتدار لاءِ ملڪ کي نقصان پهچائڻ کان به نه ڪيٻائيندو

هن چيو ته عمران خان پِچ تي ليٽي پيو آهي، هو نه پاڻ کيڏي ٿو ۽ نه ٻين کي کيڏڻ ڏئي ٿو، عمران خان پاڪستان کي نقصان پهچائڻ جي سازش ڪري رهيو آهي

بچاءَ جي وزير خواجه آصف چيو ته سياستدان هڪٻئي جي ڳچين ۾ ڀلي هٿ وجهن، پر ادارن کي تڪراري نه بڻايو وڃي، ملڪ کي سياسي استحڪام جي گهڻي ضرورت آهي

خُدا نه ڪري ٻوڏ کانپوءِ ڏُڪار کي منهن ڏيڻو پئجي سگهي ٿو، هينئر پهرين کان وڌيڪ ٻڌي ۽ اتحاد جي ضرورت آهي