گلگت سُپريم اپيليٽ ڪورٽ جو اڳوڻو چيف جسٽس رانا شميم حلفي بيان تان ڦري ويو

0
212

گلگت بلتستان سُپريم اپيليٽ ڪورٽ جو اڳوڻو چيف جسٽس رانا شميم حلفي بيان تان ڦري ويو

اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۾ جمع ڪرايل نئين حلف نامي ۾ رانا شميم اڳوڻي حلفي بيان ۾ لکيل لفظن تان هٿ کڻي ويو

رانا شميم غير مشروط معافي نامو جمع ڪرائيندي چيو آهي ته پنهنجي غلط ۽ غير ضروري حلفي بيان تي غير مشروط معافي گهران ٿو

نومبر 2021ع ۾ جمع ڪرايل حلف نامي ۾ جج جو نالو غلطي ۾ شامل ٿي ويو، اڳوڻي حلفي بيان جو متن واپس وٺان ٿو