اسلام آباد (بيورو رپورٽ) اسلام آباد جي عدالت پي ٽي آءِ جي گرفتار اڳواڻ فواد چوڌري جي جسماني رمانڊ واري درخواست رد ڪري ڇڏي، فواد چوڌري کي 14 ڏينهن جي جڊيشل رمانڊ تي اڊيالا جيل اماڻي ڇڏيو، عدالت فواد چوڌري جون هٿڪڙيون کولڻ ۽ گهر ڀاتين سان ملاقات ڪرڻ جي اجازت به ڏئي ڇڏي، جاچ آفيسر ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشن ڪورٽ اسلام آباد آڏو دليل ڏيندي چيو ته فواد چوڌري اليڪشن ڪميشن خلاف نفرت پيدا ڪري رهيو آهي، سندس بيان سان اليڪشن ڪميشن جي ميمبرز لاءِ جان جو خطرو پيدا ٿي ويو آهي، وڌيڪ جاچ لاءِ سندس جسماني رمانڊ ۾ واڌ ڪئي وڃي، اليڪشن ڪميشن جي وڪيل چيو ته فواد چوڌري واقعي سينيئر اڳواڻ آهي پر قانون کان مٿي نه آهي، فواد چوڌري جي بيان جو مقصد اليڪشن ڪميشن کي ڀت سان لڳائڻ آهي، فواد چوڌري روسٽرم تي اچي چيو ته جيڪو مون بيان ڏنو اهو منهنجي پارٽيءَ جو موقف آهي، تحريڪ انصاف جو ترجمان آهيان ۽ مون کي پنهنجي پارٽيءَ جي ترجماني ڪرڻي آهي، فواد چوڌري جي وڪيل بابر اعواڻ چيو ته ڇا فواد چوڌري ڪلڀوشن آهي جو سندس منهن تي ڪپڙو وجهي عدالت ۾ پيش ڪيو پيو وڃي، منشي لفظ جي استعمال تي اليڪشن ڪميشن کي ايڏي ڪاوڙ ڇو لڳي آهي، عدالت دليل ٻڌڻ بعد ڪجهه دير لاءِ فيصلو محفوظ ڪرڻ بعد ٻڌايو. هوڏانهن اڊيالا جيل ۾ فواد چوڌري جو ميڊيڪل چيڪ اپ ڪيو ويندو جنهن بعد بيرڪ الاٽ ڪئي ويندي. هوڏانهن اسلام آباد پوليس جي فرياد تي تحريڪ انصاف جي سينيئر اڳواڻ فرخ حبيب خلاف شيخوپوره ۾ ڪيس داخل ڪيو ويو،، ڪيس ۾ فواد چوڌري کي ڇڏائڻ ۽ ڦر جا قلم به شامل ڪيا ويا، ايف آءِ آر ۾ چيو ويو آهي ته فرخ حبيب سرڪاري ڪم ۾ مداخلت ڪندي پوليس اهلڪارن جي وردي ڦاڙي، فرخ حبيب ٻين ماڻهن سان گڏجي پوليس تي حملو ڪيو ۽ هٿيار کسڻ جي ڪوشش ڪئي، فرخ حبيب چيو آهي ته هڪڙو اڪيلو ماڻهو پوليس تي حملو ڪيئن ٿو ڪري سگهي، اسلام آباد پوليس لاهور هاءِ ڪورٽ جي حڪم جي ڀڃڪڙي ڪندي فواد چوڌري کي اسلام آباد کڻي وڃي رهي هئي، مون رڳو بنا نمبر پليٽ واري ويگو گاڏيءَ کي روڪيو هو.