ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) سنڌ ۾ اڄ ۽ سڀاڻي برسات جو امڪان ، سردي ۾ واڌ ٿيندي، موسميات کاتي موجب ڪراچي سميت ٺٽو، حيدرآباد، ٽنڊوالهيار، ٽنڊو محمد خان ، مٽياري، ميرپورخاص ، جيڪب آباد، قمبر شهدادڪوٽ، لاڙڪاڻي، سکر، ڪشمور ، خيرپور، نوشهروفيروز، دادو، شهيد بينظير آباد ۽  ڄامشورو ۾ اڄ ۽ سڀاڻي بوندا باندي جو امڪان آهي، جنهن سبب ٿڌ ۾ واڌ ٿي سگهي ٿي.

ٽنڊو رحيم خان (ن پ ا)  ڪاڇي ۾ سخت سردي جي لهر سبب ٻارڙن ۾ بيماريون ڦٽي پيون آهن، ٽنڊو رحيم خان لڳ ڳوٺ کنڌاني ۾ چئن ڏينهن ۾ پورهيت عالم شاهاڻي جون 2 نياڻيون فوت ٿي ويو. ان ڏس ۾ پورهيت عالم شاهاڻي جي اٺن مهينن جي ڌي ضميران 4 ڏينهن اڳ کنگھ ۽ ڇاتي ۾ تڪليف سبب فوت ٿي وئي هئي، جڏهن تہ سندس اڍائي سالن جي نينگري اميران ڪالهه ساڳي بيماري سبب فوت وئي، ڪاڇي جي ڳوٺ کنڌاني م کنگھ ۽ سهڪي جي بيماري سبب فوت ٻارڙن جو تعداد هڪ هفتي اندر پنج ٿي ويو