ڪراچي (م ڊ) اڳوڻي وفاقي وزير جهانگير ترين ۽ پٽ علي ترين کي وڏو رليف، ايف آءِ اي پيءُ پٽ خلاف مني لانڊرنگ جو ڪيس ختم ڪري ڇڏيو، ان کان اڳ عدالت ايف آءِ اي جي جاچ آفيسر جي رپورٽ تي ٻنهي خلاف ايف آءِ آر رد ڪرڻ جو حڪم ڏنو هو، عدالتي حڪمن مطابق انڪوائري دوران جهانگير ترين ۽ علي ترين تي مني لانڊرنگ جو يا ڊالرز جي شڪل ۾ رقم جي منتقلي جو ڪوبه غيرقانوني طريقيڪار سامهون ناهي آيو، سموري ٽرانزيڪشن ايس اي سي پي قانون تحت ٿي.