فضل الرحمان استعمال ٿئي پيو، خوف نه ٿو پکيڙڻ چاهيان پر اطلاع سٺا نه آهن: شيخ رشيد

0
617
باپ جو حقيقي باپ به

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) وفاقي گهرو وزير شيخ رشيد چيو آهي ته خوف نه ٿو پکيڙڻ چاهيان پر اسان وٽ اطلاع سٺا نه آهن، سڀ کان وڌيڪ خطرو مونکي ۽ مولانا فضل الرحمان کي آهي، اسلا م آباد ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي شيخ رشيد چيو ته پارليامينٽ لاجز ۾ 50 ماڻهن کي داخل ڪيو ويو

 اسان 5 ڪلاڪن تائين ڳالهيون ڪيون، ڪامران مرتضيٰ پوليس بابت انتهائي خراب ٻولي استعمال ڪئي ۽ پوليس تي تشدد ڪيو ويو، 6 ڄڻا زخمي ٿيا، اسان ڪنهن تي به دهشتگردي جو ڪيس داخل ناهي ڪيو، هن چيو ته ٽريلر طور هلڪا پرچا ڪٽيا آهن

 قانون هٿ ۾ کنيو ويو ته ايندڙ ڀيري دهشتگردي جا پرچا ڪٽينداسين، هن وڌيڪ چيو ته اپوزيشن اڳواڻن کي اپيل ڪيان ٿو ته ڪنهن غلط فهمي جو شڪار ۾ نه رهو، شيخ رشيد چيو ته مولانا کي درخواست آهي ته مدرسن جي ٻارڙن کي استعمال نه ڪري

 احتجاج جي سڏ واپس وٺي سٺو ڪيو، نواز شريف ۽ آصف زرداري مولانا فضل الرحمان کي استعمال ڪري رهيا آهن، بي اعتمادي رٿ جو جمهوريت جو حصو آهي، پر اپوزيشن عمران خان سان ذاتي ويڙهه وڙهي رهي آهي

ھي به پڙھندا

ملڪ کي هڪ ڪلاڪ اندر جام ڪري ڇڏيو: مولانا فضل الرحمان