ملڪ کي هڪ ڪلاڪ اندر جام ڪري ڇڏيو: مولانا فضل الرحمان

0
644
ملڪ کي هڪ ڪلاڪ

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) پي ڊي ايم سربراهه مولانا فضل الرحمان چيو آهي ته پارليامينٽ لاجز مان ايم اين ايز ۽ ڪارڪنن جي گرفتاري بعد سڄي ملڪ کي هڪ ڪلاڪ اندر جام ڪري ڇڏيو

سوشل ميڊيا تي جاري ڪيل بيان ۾ مولانا فضل الرحمان چيو ته پارليامينٽ لاجز ۾ اسلام آباد پوليس سمورن قانونن ۽ اخلاقيات کي نظرانداز ڪري ميمبرن تي بنا جواز تشدد ڪيو ۽ قوم کي چونڊيل نمائندن کي گهليندي گرفتار ڪيو

پارليامينٽ لاجز ۾ مهمانن کي به گرفتار ڪيو ويو، واقعي جي غلط تصوير ۽ ڪوڙ تي ٻڌل بيانيو قوم جي سامهو رکيو ويو ، مولانا فضل الرحمان جي يو آءِ ۽ ٻين جماعتن جي ڪارڪنن ۽ عوام جا ٿورا مڃيندي ته سڄي ملڪ کي هڪ ڪلاڪ کان گهٽ وقت ۾ جام ڪيو

ڪارڪنن ۽ عوام کي ڪاميابي تي واڌايون پيش ڪيان ٿو، سمورا ڪارڪنن ۽ اسيمبلي ميمبر آزاد ٿي چڪا آهن، آزادي نه ملڻ جي صورت ۾ اسان ٻيهر روڊن تي اچڻ جو فيصلو ڪيو هو، هاڻي ڪارڪنن جي آزادي جي لاءِ روڊن تي اچڻ جي ضرورت نه آهي

ھي به پڙھندا

پي ڊي ايم سربراهه مولانا فضل الرحمان پارليامينٽ لاجز ۾ پوليس آپريشن خلاف سڄو ملڪ جام ڪرڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو