بي اعتمادي رٿ بعد عمران نيازي چَرِيَنِ جهڙيون ڳالهيون ڪري پيو: شهبازشريف

0
215
نيب کي جاچ ۾ ڪجهه نه

لاهور (م ڊ) مخالف ڌر اڳواڻ شهبازشريف چيو آهي ته بي اعتمادي رٿ بعد عمران نيازي چَرِيَنِ جهڙيون ڳالهيون ڪري رهيو آهي ۽ ڌمڪين تي لهي آيو آهي، مني لانڊرنگ ريفرنس ۾ عدالت پيشي جي موقعي تي ميڊيا سان ڳالهائيندي شهبازشريف چيو ته بي اعتمادي رٿ ذاتي خواهش جي سبب نه آئي آهي

هر ڏينهن پئٽرول ۽ بجلي مهانگي ٿي رهي آهي. بي اعتمادي رٿ جو مقصد عوام کي مهانگائي ۽ بيروزگاري کان ڇوٽڪارو ڏيارڻو آهي، هن چيو ته سلڪٽيڊ هر جاءِ تي وڃي پاڪستان جي مفادن کي نقصان پهچائي رهيو آهي، اپوزيشن عوام کي خواهش موجب بي اعتمادي رٿ جمع ڪرائي آهي، اسپيڪر جو فرض آهي ته قانون موجب 14 ڏينهن ۾ اجلاس گهرائي

ھي به پڙھندا

ملڪ کي هڪ ڪلاڪ اندر جام ڪري ڇڏيو: مولانا فضل الرحمان