عمران خان عثمان بزدار کي هٽائڻ لاءِ راضي ٿي ويو آهي: ق ليگ اڳواڻ

0
263
عمران خان عثمان بزدار

لاهور (م ڊ) ق ليگ اڳواڻ طارق بشير چيمه دعويٰ ڪئي آهي ته وزيرن ٻڌايو آهي ته وزيراعظم عمران خان پنجاب جي وڏي وزير عثمان بزدار کي هٽائڻ لاءِ راضي ٿي ويو آهي

ذريعن موجب ق ليگ جو موجوده سياسي صورتحال تي مشاورتي اجلاس ٿيو، 48ڪلاڪن ۾ حتمي فيصلي جو امڪان آهي، جڏهن ته وفاقي ڪمٽي پنجاب ۾ تبديلي بابت فوري تاريخ ڏيڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو آھي

اجلاس ۾ شريڪ طارق بشير چيمه دعويٰ ڪئي آهي ته عثمان بزدار کي تبديل ڪرڻ تي راضي ٿي ويو آهي، اسان کي ڪميٽي جي وزيرن ان تي مبارڪون ڏنيون ويون

ھي به پڙھندا

بي اعتمادي رٿ بعد عمران نيازي چَرِيَنِ جهڙيون ڳالهيون ڪري پيو: شهبازشريف