لنڊن ۾ عليم خان جي نوازشريف سان ملاقات، ن ليگ ۾ شموليت جو امڪان

0
491
لنڊن ۾ عليم خان جي

لنڊن (ڊيسڪ رپورٽ) پاڪستان تحريڪ انصاف ترين گروپ جي اڳواڻ ۽ اڳوڻي وزير عليم خان اڳوڻي وزيراعظم نوازشريف سان ملاقات ڪئي، ذريعن موجب لنڊن ۾ عليم خان ۽ نوازشريف وچ ۾ ملاقات ٿي

ملاقات ۾ اسحاق ڊار ۽ نوازشريف جا پٽ به شريڪ هئا، ذريعن جو چوڻ آهي ته نوازشريف ۽ عليم خان جي ملاقات ٽن ڪلاڪن تائين جاري رهي، واضح رهي ته ترين گروپ ۾ شموليت ڪندڙ عليم خان جهانگير ترين سان ملاقات لاءِ لنڊن روانو ٿيو هو

ذريعن موجب تھ عليم خان پاران نواز ليگ ۾ شموليت جو اعلان آھي، عليم خان لنڊن اچڻ کان اڳ شھباز شريف سان پڻ ملاقات ڪئي ھئي

ھي به پڙھندا

فضل الرحمان استعمال ٿئي پيو، خوف نه ٿو پکيڙڻ چاهيان پر اطلاع سٺا نه آهن: شيخ رشيد