فريدآباد(ن پ ا) ڪاڇي واسي ظفر چانڊيو ۽ رياض خاصخيلي جي آزاديءَ لاءِ سندن وارثن حاجي خان خاصخيلي، ذاڪر حسين، زاهد علي، عارف عمر ،اعجاز علي،علي چانڊيو ۽ ٻين گڏيل طور تي 107 ڏينهن به 12 ڪلاڪن واري علامتي بک هڙتال جاري رکي. هنن چيو ته 12 مھينن کان بيگناهه کنڀي گم ڪيل پنھنجي پيارن جي آزادي لاءِ سراپا احتجاج بڻيل آھيون پر اسان جي احتجاجن جو ڪوبه نوٽيس نٿو ورتو وڃي. ھنن وڌيڪ چيو ته اسان جا نوجوان بيگُناھ آهن اسان جي نوجوانن کي بيگناھ کنڀي گم ڪيو ويو آهي، انهن جو ڪنهن به تنظيم سان ڪوبه واسطو نه آهي. ھنن چيف جسٽس آف پاڪستان، چيف آف آرمي اسٽاف، انساني حقن جي تنظيمن جي اڳواڻن ۽ ٻين وس وارن کي اپيل ڪئي ته اسانجي بيگُناھ نوجوانن رياض خاصخيلي ۽ ظفر چانڊيو کي آزاد ڪري انصاف ڪيو وڃي ٻي صورت ۾ نوجوانن جي آزاديءَ تائين پُر امن احتجاج جاري رهندو.