مانجھند (ن پ ا ) نيشنل ھاءِ وي اٿارٽي ڄامشورو کان کاڻوٺ تائين انڊس ھاءِ وي تي ڪيترائي مسافر خانا ڊھرائي پٽ ڪيا ويا، جيڪي ٻيھر نه ٺھي سگھيا آهن. جنهن ڪري علائقي واسي سخت پريشان آهن. نيشنل ھاءِ وي اٿارٽي ڄامشورو کان کاڻوٺ تائين سنگل روڊ کي ڊٻل روڊ تعمير ڪرڻ وقت انڊس ھا۽ وي تي قائم سمورا مسافر خانا ڊاھي پٽ ڪري ڇڏيا هئا، جيڪي روڊ تعمير ٿيڻ کانپو۽ به ٺھي نه سگھيا آهن. انڊس ھاءِ وي تي ڪوبه مسافر خانو ٺھيل نه ھجڻ ڪري مسافر بيشمار تڪليفن کي منھن ڏئي رھيا آھن. مسافرن جو چوڻ آھي ته مسافر خانا ٺھيل نه ھجڻ جي ڪري نھٽڻ اس ۾ گاڏين جو انتظار ڪندي ڪلاڪ گزري وڃن ٿا پر گاڏي نه ٿي ملي. گرمي ۾ مسافر خانو ھجي ته ڇانو ۾ ويھي انتظار ڪيون ھا پر افسوس جو ڪوبه مسافر خانو نه ھجڻ ڪري ھن روڊ تي سفر ڪندڙ عورتون ٻارڙا نوجوان پوڙھا سج جي تپش ۽ تمام گھڻي گرمي ۾ کلي آسمان ھيٺيان پٽ تي ويھي پھنجي منزل ڏانھن وڃڻ جي لاءِ سواري جو انتظار ڪن ٿا. ھتان جي ڊرائيورن ۽ مسافرن جو چوڻ ھو ته اسان اپيل ٿا ڪيون اعليٰ عملدارن ۽ نيشنل ھا۽ وي اٿارٽي وارن کي ته ڄامشورو کان کاڻوٺ تائين مسافر خانا ٺاھيا وڃن ته جيئن مسافرن کي سفر ڪرڻ وقت گاڏين جو انتظار ڪرڻ ۾ ڏکيايون پيش نه اچن.