سيوهڻ(ن پ ا) ڪورونا وائرس جي ٽين لھر اچڻ سبب سنڌ حڪومت سنڌ جون درگاھون بند ڪرڻ واري حڪم بعد قلندر لعل شھباز جي مزار کي به عام زائرين لاءِ بند ڪيو ويو آهي، جنھن بعد سيوهڻ جو شھر ويراني جو ڏيک ڏيڻ لڳو آهي ۽ درگاھ جي ڀر ۾ قائم دڪان، ريڙهن تي ڳانا کپائيندڙ، مڇي فروش، ڪشمش، توت، رانديڪا ڦلا کپائيندر ڦوٽو گرافر ۽ مختلف ريسٽ هائوسن تي مزدوري ڪندڙ هزارين خاندان بي روزگار ٿي ويا آهن. ان ڏس ۾ منظور، محبوب چانڊيو، منصور لاکو، قربان، سولنگي ۽ ٻين دڪاندارن ڳالھائيندي چيو تہ روزانو دڪان ريڙها کوليون ٿا پر زائرين جو سلسلو بند ٿيڻ ڪري روزانو خالي هٿين خالي واپس گھر وڃون ٿا ۽ ھلندڙ ھن ڀلاري مھيني رمضان شريف ۾ سحري ۽ افطاري لاءِ فروٽ يا سبزي وٺي ٻچڙن کي روزو کولرايون ۽ پيٽ پالڻ لاءِ سخت پريشانين کي منهن ڏيڻ تي مجبور آهيون. جڏهن ته دوڪان مالڪن جو ڳريون مسواڙو به ڏيڻ کان لاچار بڻجي ويا آهيون ٻئي پاسي شھر جي شوشل سماجي تنظيمن جي اڳواڻن اڪبر ملاح، صفدر نجفي،ايڊووڪيٽ غلام مرتضي ملاح،اصغر ڪوريجو چيو تہ سنڌ حڪومت ڪورونا وائرس جو جواز ڄاڻائي درگاھ قلندر لعل شھباز جي مزار بند ڪري شھر ويران ڪري ڇڏيو آهي شھر واسين ۽ دوڪاندارن جو ڪاروھنوار جو ذريعو قلندر لعل شھباز تي ايندڙ پانڌيئڙن تي آهي ۽ قلندر جي مزار بند ڪري حڪومت هزارين شھري بي روزگار ڪري ڇڏيا آهن جيڪي ھن وقت ڦاڪاڪشي واري زندگيءَ ڪاٽڻ تي مجبور آهن ھنن سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاھ کان مطالبو ڪندي گهر ڪئي ته جلد درگاھون کوليون وڃن يا اسان جي مالي مدد ڪري وڌيڪ پريشاني بک ۽ بدحالي ڪرڻ کان بچايو وڃي.