ورڪشاپ (ن پ ا) ورڪشاپ ويجهوروڊ حادثو ھڪ ڄڻو ٿڏي تي فوت، سانگهڙ چونڊڪو روڊ تي ٻن تيز رفتار موٽرسائيڪل سوارن جي وچ ۾ آمهون سامهون زودار ٽڪر ٽڪر جي نتيجي ۾ ھڪ چڪ جو رھواسي چاليهه ورھين جو غلام علي ڀٽي ٿڏي تي فوت ٿي ويو. سندس لاش سول اسپتال سانگهڙ نيو ويو، جتان ضروري ڪارروائي بعد لاش وارثن حوالي ڪيو ويو. فوتي جو مڙهه گهر پهچڻ تي سندس گهر ۾ ڪهرام مچي ويو. ٻڌايو پيو وڃي ته حادثو تيز رفتاري جي ڪري پيش آيو.