تنگواڻي (ن پ ا) تنگواڻي ۾ گهٽي ۽ نالي نه ٺاهي ڏيڻ خلاف شهرين پاران احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو، ان موقعي تي مظاهرين دانهيندي چيو ته جعفرآباد روڊ کان مسجد تائين جو منظور ٿيل گهٽي جو تعميراتي ڪم مڪمل نه ٿي سگهيو آهي، هنن چيو ته صفائي نه ٿيڻ سبب پاڙي ۾ گندگي جا ڍير لڳل آهن، شڪايتن باوجود انتظاميا دانهن ٻڌڻ لاءِ تيار ناهي، هنن وس وارن کان مطالبو ڪيو ته نوٽيس وٺي صفائي ڪرائي ترقياتي ڪم مڪمل ڪرايا وڃن.