فريدآباد (ن پ ا) ڪاڇي واسي 10 مھينن کان کنڀي گم ڪيل نوجوان رياض خاصخيلي جي آزادي لاءِ سندس وارثن حاجي خان خاصخيلي، فقير اعجاز، حسين بشير سنڌي، عارف عمر، عباس شفيع خاصخيلي، اعجاز علي ۽ ٻين 98 ھين ڏينھن به احتجاج جاري رکيو. هنن چيو ته اسان جو ڀاءُ رياض خاصخيلي بيگناھ آهي، سندس ڪنهن به ڪالعدم تنظيم سان ڪوبه واسطو ۽ تعلق ناهي، تنھن باوجود به ھن کي 10 مھينن کان کنڀي گم ڪيو ويو آهي ۽ سندن جو ڪوبه ڏس پتو ڪونھي ته ھو ڪٿي آھي ۽ ڪھڙي حال ۾ آھي؟ ھنن چيف جسٽس آف پاڪستان، چيف آف آرمي اسٽاف، چيف جسٽس آف سنڌ ۽ ٻين وس وارن کان مطالبو ڪيو ته جِبري طور کنڀي گُم ڪيل اسان جي ڀاءُ رياض خاصخيلي جي گُمشدگي جو نوٽيس وٺي کين آزاد ڪري انصاف ڪيو وڃي