سکر (بيورو رپورٽ)سکر اليڪٽرڪ پاور ڪمپني ۾ پرائيويٽ چيف ايگزيڪيوٽو آفيسر جي مقرري واري فيصلي خلاف آل پاڪستان واپڊا هائڊرو اليڪٽرڪ پاور ليبر يونين سکر سيپڪو آفيس جي سامھون احتجاجي جلسو ۽ سيفٽي سيمينار منعقد ڪيو ويو. ان موقعي تي نثار احمد شيخ، زاهد شيخ، ولد محمد لغاري، شجاع گھمرو، عقيل جوڻيجو، عقيل دايو، عابد گوپانگ ۽ ٻين خطاب ڪندي چيو ته سيارو هجي يا اونهارو سيپڪو جا ملازم ڏينهن رات عوام جي خدمت ۾ رڌل هوندا آهن. وفاقي حڪومت پاران سيپڪو ۾ پرائيويٽ چيف ايگزيڪيوٽو آفيسر مقرر ڪرڻ واري فيصلي سبب ملازمن ۾ سخت پريشاني واري صورتحال ڇانيل آهي. سيپڪو جو نظام ان ۾ ڪم ڪندڙ ماڻهو ئي سمجھي سگھي ٿو، حڪومت عوام دشمن ۽ ورڪر دشمن پاليسي تحت پرائيويٽ ماڻهون کي سي اي او مقرر ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي، جنهن کي ڪنهن به صورت ۾ قبول نه ڪيو ويندو. ان کان پهريان آل پاڪستان واپڊا هائڊرو اليڪٽرڪ پاور ليبر يونين سکر پاران سيفٽي سيمينار پڻ ڪوٺايو ويو.