فريدآباد (ن پ ا)  فريدآباد  گرلس ھاء اسڪول اڳيان گٽرن جو گندو پاڻي اٿلي پيو، شاگردياڻيون اسڪول وڃڻ لاءِ پريشان ٿي ويون.ان ڏس ۾ سياسي سماجي اڳواڻن ۽ شھرين اعجاز علي کوسو، صدام کوسو، علي حيدر کوسو ۽ ٻين چيو ته فريدآباد  شھر ۾ صفائي جو نظام درھم برھم آهي رمضان جي ڀلاري مھيني ۾ شھر گندگي جي ور چڙھي ويو آهي، کوسا محلا، ڏيرا محلا، خاصخيلي محله سميت  سموري شھر ۾ صفائي ناھي صفائي نه ھجڻ ڪري شھر جون ناليون اٿلي پيون آهن جنهن سبب گرلس ھاء اسڪول فريدآباد جي مين گهٽي گندي پاڻي سان ڀرجي ويئي آهي جنهن سبب اسڪولي شاگردياڻين ۽  اسان شھرين کي اچ وڃ لاءِ سخت ڏکيائيون پيش اچڻ سميت مڇرن جو آزار وڌي ويو آهي ۽ بيماريون پکڙجي رھيون آهن ھنن وڌيڪ چيو ته فريدآباد يونين ڪائونسل انتظاميه  ھر مھيني 5 لک بجيٽ ڪاغذي ڪاروائي ۾ ھڙپ ڪري وڃي ٿي. ھنن تڪ جي چونڊيل نمائيندن ڪمشنر  حيدرآباد، ڊي سي دادو  ۽ ٻين کان مطالبو ڪيو ته فريدآباد  شھر ۾ صفائي نه ٿيڻ جو نوٽيس وٺي  شھر ۾ صفائي ڪرائي وڃي.