شھدادڪوٽ (رپورٽر ) خوراڪ کاتي ۽ ضلعي انتظاميا جي نااهلي سبب شھدادڪوٽ ۽ قبو سعيد خان تعلقن ۾ ڪڻڪ خريداري جا فوڊسينٽر نه کُلي سگهيا.  سنڌ آبادگار بورڊ جي اڳواڻن عبدالخالق کوسو، ڪجلو مغيري، ذوالفقار جمالي شھري اتحاد جي صدر وھاب پندراڻي مسلم ليگ ن اڳواڻ ڪامريڊ شعبان جمالي، شھيد ڀٽو اڳواڻ منير بروھي جو چوڻ هو ته ڪڻڪ جو بمپر فصل تيار ٿي ويو آهي، ڪڻڪ خريداري مرڪز ناهن کلي سگهيا. هنن چيو ته واپارين هڪ هٽي قائم ڪري 34 کان 37 سو تائين في مڻ ڪڻڪ خريد ڪري رهيا آهن.اڳواڻن گهر ڪئي ته ڪڻڪ خريداري سينٽر قائم ڪري هارين ۽ آبادگارن کي نقصان کان بچايو وڃي. ھوڏانھن ڊي ايف سي الطاف حسين مگسي ميڊيا کي ٻڌايو ته شھدادڪوٽ، قبوسعيد خان، ڪچي پل ۽ 97 ھزار سينٽرن تي فوڊ انسپيڪٽر مقرر ڪري آبادگارن کي بارداڻو ڏئي ڪڻڪ خريداري شروع ڪئي  ويندي.