ٽنڊوباگو(ن پ ا) ٽنڊي باگي ۾ لائبريري بند ڪري بچت بازار لڳائي وئي. ان ڏس ۾ ٽنڊوباگو جي بچت بازار جو افتتاح وڏي وزير جي اسپيشل اسسٽنٽ پير نور الله قريشي ڪيو. بچت بازار ٽنڊوباگو جي مير غلام محمد خان ٽالپر پبلڪ لائيبروري کي بند ڪري ان ۾ لڳائي وئي، جنهن ڪري سوين شھري ۽ شاگرد اخبارون، رسالا ۽ ڪتاب پڙهڻ کان محروم ٿي ويا. لڳايل بچت بازار ۾ ڦاٽل گدرا ۽ ڦٿل ٽماٽا رکيا ويا. جڏهن ته ھڪ ڏينهن لاء يوٽلٽي اسٽور بچت بازار ۾ کوليو ويو. ان موقعي تي ماڻهن پاران ٽنڊوباگو جي يوٽيليٽي اسٽور تي اٽو، گيھ، کنڊ نه ملڻ شڪايتون ڪيون ويون. ان موقعي تي پير نور الله قريشي چيو ته بدين ضلعي جي ھر شھر ۾ بچت بازار لڳائي عوام کي سستي اگھ تي ضرورت جون شيون مھيا ڪيون وينديون، ھن عوام جي شڪايت تي تعلقي انتظاميا پاران اگھن تي ضابطو نه آڻڻ لاء ڪو به قدم نه کڻڻ تي سخت پڇاڻو ڪيو ويو. جڏهن ته اسپيشل اسسٽنٽ پير نور الله قريشي جي بچت بازار مان واپس روانو ٿيڻ کان پوءِ واپارين اسٽال بند ڪري سامان واپس کڻي ويا. جنهن ڪري بچت بازار مان شهرين کي ڪوبه لاڀ ملي نه سگهيو. شهري صرف هڪ ڪلاڪ لاءِ لڳايل نالي واري بچت بازار حيران ٿي ويا.