فريدآباد (ن پ ا) فريدآباد لڳ ڳوٺ سانول ڪرٽيا ۾ شبير چنا، عبدالفتاح چنا جي گهرن کي باهه لڳڻ سبب الهه تلهه سڙي رک ٿي ويو. ھوڏانھن سماجي اڳواڻن مھراب ڪرٽيو ۽ متاثر شبير چنا چيو ته باھ لڳڻ سبب گھر ۾ پيل ڪڻڪ جون  ٻوريون، ھنڌ، بسترا، الماڙيون ۽ ٻيو لکين رپين جو سامان سڙي رک ٿي ويو آهي. ھنن تڪ جي چونڊيل نمائندن، ڊي سي دادو کان مطالبو ڪيو ته سھائتا ڪري واھر ڪئي وڃي.