بدين/ ٺٽو (نمائندن وٽان) بدين شھر جي 14 وارڊن ۾ رھندڙ ٻه لک انساني آبادي کي واٽر سپلاءِ ذريعي ملندڙ پاڻي جي سپلائي بند ٿي وئي آھي،بدين شھر جي مختلف پاڙن رحيم ڏنو سومرو ڳوٺ، ڪنڀار محلو، غريب آباد، آبپاشي ڪالوني، اينگروول ڪالوني، انصاري محلا،  پير عالي شاھ ڪوٽ، پير ملوڪ شاھ محلا، شھباز ڪالوني ۽ اتفاق ڪالوني جي رھواسين محمد سومار، اسلم، حاجي وڪيو، ربڏنو خاصخيلي ۽ ٻين ميڊيا آڏو دانھيندي چيو آھي ته بدين شھر ۾ عيد جي موڪلن واري ڏينھن کان وٺي شھر ۾ واٽر سپلاءِ واري پاڻي جي سپلائي بند آھي. شھرين الزام ھڻندي چيو ته واٽر سپلاءِ جا موٽر خراب ڄاڻائي ڪوڙن بلن ذريعي لکين روپيا ھڙپ ڪيا پيا وڃن، شھرين چيو ته گھرن ۾ پيئڻ سان گڏ ٿانون ۽ ڪپڙن ڌوئڻ ۽ مسجدن ۾ وضو ڪرڻ لاءِ پاڻي به نه آھي ھن مھانگائي جي دور ۾ عام شھري پيئڻ جي پاڻي وارو جو ٽينڪر پنج ھزار کان 3000 ھزار روپيا ۽ في ڊرم 400 روپين ۾ وٺڻ تي مجبور آھن ۽ ڏھاڙيدار غريب ماڻھو پئسن تي پاڻي وٺن يا گھر جو راشن وٺن.شھرين چيو ته 24 ڪلاڪن اندر پاڻي نه مليو ته واٽر سپلاءِ انچارج ۽ ٻئي عملي خلاف ڊي سي آفيس بدين آڏو احتجاجي مظاھرو ڪري ڌرڻو ھنيو ويندو.واٽر سپلاءِ انچارج مقبول راڄو ٻڌايو ته تلائن ۾ پاڻي جي کوٽ آھي، تنھن ڪري موٽر پاڻي نه ٿا کڻن، جيئن ئي تلاءَ پاڻي سان ڀربا ته واري واري سان مختلف پاڙن ۾ پاڻي جي سپلاءِ شروع ڪئي ويندي. هوڏانهن ٺٽو جي شهرين پيئڻ جي پاڻي عدم فراهميءَ خلاف 34 هين ڏينهن  به ٺٽو ڪراچي قومي شاهراھ تي ڌرڻو هنيو. شهرين ۽ ٺٽو بچايو فورم جي اڳواڻن جمشيد قريشي ، دلاور شيخ ، اسد الله شاھ ، لالا غفار ، حافظ عباسي ، ڊاڪٽر ولي جاکرو ، عرفان ميرجت ۽ ٻين چيو ته سوا مهيني کان پيئڻ جي پاڻي جو بحران برقرار آهي. هنن چيو ته شهر ۾ پيئڻ جي پاڻي جي کوٽ هجڻ ڪري شهري انتهائي پريشانين کي منهن ڏئي رهيا آهن ۽ هو ٽئنڪر ۽ ڪين مافيائڻ جي ور چڙهي ڳري اگھن تي پاڻي خريدڻ تي مجبور بڻيل آهن جڏهن ته هنن چتاءُ ڏيندي چيو آهي ته ٺٽي شهر ۾ فوري طور تي ڪي ڊي اي واھ مان پاڻي مهيا ڪيو وڃي ٻي صورت ۾ سندن پاڻي لاءِ هلندڙ احتجاجي سلسلو جيڪو جاري آهي اهو جاري ئي رهندو .