ٿرڙي محبت (ن پ ا) ٿرڙي محبت ٿاڻي جي حد ڳوٺ ملوڪ ڪلهوڙو ۾سڱاوتي تڪرار تان قتل ٿيل ارشاد ڪلهوڙو جو ڪيس داخل نه ٿيڻ خلاف وارثن امجد ڪلهوڙو، بشير ڪلهوڙو، مرزا ڪلهوڙو ۽ ٻين عزيزن جي اڳواڻي ۾ ٿاڻي آڏو ڌرڻو هنيو. اڳواڻن چيو ته نويد ڪلهوڙو، ارسلان ڪلهوڙو ۽ وسيم ڪلهوڙو ڀاءُ کي بيدردي سان قتل ڪري فرار ٿي ويا پوليس ڪيس داخل نه ٿي ڪري.  هنن چتاءُ ڏنو ته  ڪيس داخل نه ڪيو ويو ته انڊس هاءِ تي ڌرڻو هڻي ويهي رهنداسين. ٻئي طرف رابطو ڪرڻ تي وڏي منشي مظفر منگسي ٻڌايو ته ٿرڙي محبت ايس ايڇ او آصف ميراڻي ڪنهن ضروري ميٽنگ تي ويل آهي جيئن ايندو ته فريادين جي ايف آءِ آر داخل ڪئي ويندي.