ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) ڪراچي جي احتساب عدالت نيب کان تحريڪ انصاف جي ايم پي اي فردوس شميم نقوي  خلاف جاچ مڪمل ڪري پهرين سيپٽمبر تي اڳڀرائي رپورٽ طلب ڪئي آهي،  عدالت فردوس شميم نقوي جي ضمانت ۾ پڻ ايندڙ ٻڌڻي تائين واڌ ڪئي آهي، ڪالهه پي ٽي آءِ ايم پي اي فردوس شميم نقوي پاران ضمانت لاءِ داخل ڪيل درخواست جي ٻڌڻي دوران نيب عملدارن فردوس شميم نقوي خلاف انڪوائري مڪمل ڪرڻ لاءِ مهلت طلب ڪندي موقف اختيار ڪيو ته فردوس شميم نقوي مٿان قومي خزاني کي ڪروڙين رپيا نقصان پهچائڻ جو الزام آهي، حبيب گروپ آف ڪمپنيز سرڪاري زمين جي غير قانوني طور 30 سالن جي ليز  ورتي هئي، فردوس شميم نقوي ان وقت حبيب گروپ جي بورڊ آف ڊائريڪٽرز جو ميمبر هو.