ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) ڪراچي ۾ جماعت اسلامي جي ايم پي اي عبدالرشيد سميت 250 ڪارڪنن تي روڊ بلاڪ  ڪرڻ جو ڪيس داخل، ان ڏس ۾ لياري جي بغدادي ٿاڻي تي سرڪاري فرياد تي  جماعت اسلامي جي ايم پي اي عبدالرشيد سميت 200 کان 250 ڪارڪنن تي ڪيس داخل ڪيو ويو، ڪيس ۾ روڊ بلاڪ ڪرڻ ۽ ڊيوٽي اٽڪاءَ جا قلم شامل ڪيا ويا. ڪيس ۾ ڄاڻايو ويو ته ايم پي اي عبدالرشيد، نواز ليگ  جو اڳواڻ سلطان بهادر، جماعت اسلامي جو يوسي 9 جو اميدواررفيق هنڱورو، پير بخش بليدي ۽ ٻيا 200 کان 250 ڄڻا واٽر بورڊ آفيس آڏو احتجاج ڪري رهيا هئا، مظاهرين روڊ بند ڪري ڇڏيو، پوليس کين سمجھائڻ جي ڪوشش ڪئي پر هو نه مڙيا، روڊ بند ٿيڻ سبب ٽريفڪ معطل ٿي وئي