لاهور(م ڊ) پاڪستان تحريڪ انصاف جي اڳواڻ فرخ حبيب فواد چوڌري کي اسلام آباد کڻي ويندڙ پوليس جي گاڏي کي روڪي ورتو. سروسز اسپتال لاهور ۾ طبي معائني کانپوءِ پوليس فواد چوڌري کي لاهور کان اسلام آباد منتقل ڪري رهي هئي ته ڪالا شاهه ڪاڪو ٽول پلازه تي فرخ حبيب پوليس جي گاڏي جو پيڇو ڪندي ان کي روڪي ورتو. ان موقعي تي فرخ حبيب جي پوليس اهلڪارن سان هاٿاپائي به ٿي. پوليس اهلڪارن فرخ حبيب کي ڇڪي گاڏي کان ڌار ڪيو. پي ٽي آءِ اڳواڻ چيو ته پوليس لاهور هاءِ ڪورٽ جي حڪمن جي ڀڃڪڙي ڪري رهي آهي. فرخ حبيب ئي سڀني کان پهريان فواد چوڌري جي گرفتاري جي خبر سوشل ميڊيا تي ڏني هئي. پنهنجي ٽوئٽ ۾ فرخ حبيب چيو هو ته فواد چوڌري کي پوليس سندس گهر مان گرفتار ڪري ورتو آهي. امپورٽڊ حڪومت بوکلاهٽ جو شڪار ٿي وئي آهي.