لاهور/اسلام آباد: پي ٽي آءِ اڳواڻ فواد چوڌري جي گرفتاري خلاف ڪارڪنن احتجاجي مظاهرا ڪيا، جهلم ۾ فواد چوڌري جي گرفتاري خلاف پي ٽي آءِ ڪارڪنن احتجاج ڪيو، پوليس  مظاهرين تي لٺبازي ڪئي، پوليس فواد چوڌري جي ڀاءُ فراز چوڌري کي گرفتار ڪري ورتو، لاهور ۾ احتجاج دوران زبير نيازي کي گرفتار ڪيو ويو. هوڏانهن فواد چوڌري جي گرفتاري خلاف پي ٽي آءِ طرفان ملڪ گير احتجاج جو اعلان ڪيو ويو، لاهور جي زمان پارڪ ۾ پي ٽي آءِ جو مشاورتي اجلاس ٿيو، اجلاس ۾ فواد چوڌري جي گرفتاري ۽ حڪومتي سياسي انتقام جو جائزو ورتو ويو، اجلاس دوران فيصلو ڪيو ويو ته حڪومت جي سياسي انتقام خلاف سڄي ملڪ ۾ احتجاج ڪيو ويندو.