اسلام آباد: سپريم ڪورٽ بار ايسوسيئيشن ۽ پاڪستان بار ڪائونسل به فواد چوڌري جي گرفتاري تي رد عمل ڏيندي چيو آهي ته سپريم ڪورٽ بار جي ايڊووڪيٽ فواد چوڌري جي گرفتاري جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪيون ٿا،  اميد آهي ته هر شهري سان قانون ۽ آئين مطابق ورتاءُ ڪيو ويندو، سپريم ڪورٽ بار ايسوسيئيشن ۽ پاڪستان بار ڪائونسل فواد چوڌري تي لڳايل الزامن ۽ ڪيسن کي ختم ڪري کيس جلد آزاد ڪرڻ جو مطالبو به ڪيو آهي.