اسلام آباد (بيورو رپورٽ) اسلام آباد جي احتساب عدالت جي جج محمد بشير جعلي بينڪ اڪائونٽس ڪيس جي جوابدار غني مجيد جي ڪراچي ۾ نيب پاران منجمند ڪيل پلاٽ جي فيصلي جي توثيق ڪري ڇڏي، ڪالهه عدالت ۾ نيب پاران پلاٽ منجمند ڪرڻ واري مامري جي توثيق ڪرائڻ لاءِ درخواست ڏني جيڪا عدالت قبول ڪري ورتي، نيب جي وڪيل عدالت کي ٻڌايو ته غني مجيد جو الرياض ڪوآپريٽو هائوسنگ سوسائٽي ۾ 3239 چورس فٽن جو پلاٽ آهي جيڪو نيب قبضي ۾ ورتو آهي ان جي توثيق ڪئي وڃي.