خيرپور (رپورٽر) غلام حسين ھڪُ محنتي اداڪار آھي، جيڪو غمِ روزگار سان گڏ، پنھنجي اداڪاريءَ وارو شوق به پورو ڪندو ٿو رھي. اھڙن خيالن جو اظھار صدارتي خطاب ۾ ناليواري ڪھاڻيڪار، ناول نگار ۽ ڊراما ليکڪ ابراھيم کرل، سچل انجمن تاجران خيرپور پاران سنڌي ٽي وي چينلن جي مشھور اداڪار غلام حسين مريءَ سان سالگرهه جي موقعي تي رچايل رھاڻ دوران ڪيو. ابراھيم کرل اھو به چيو ته غلام حسين مري ھٿَ ۽ دل جو کليل آھي، ان ڪري ھِن وٽ سدائين دوستن جو ميلو متل ھوندو آھي. نامياري اديب قربان منگيءَ چيو ته غلام حسين مري محبتون ڏيندڙ اداڪار دوست آھي. نامياري شاعر شاھن سمنگ چيو ته غلام حسين مري پڪو پختو اداڪار آھي. نامياري شاعر ۽ ريڊيو، ٽي ويءَ جي ڪمپيئر امر اقبال چيو ته غلام حسين مريءَ جو شمار خيرپور جي سٺن اداڪارن ۾ ٿئي ٿو. ٽي وي اداڪار ھاشم ڀٽيءَ چيو ته غلام حسين مري اداڪاريءَ جي دنيا جو چمڪندڙ ستارو آھي. ان موقعي تي محبتي مھيسر، نديم وساڻ،  قلندر بخش عباسي، سلطان سومرو، منير ٽانوريءَ ۽ ٻين غلام حسين مريءَ جي ذاتي زندگي ۽ اداڪاريءَ تي ويچار ونڊيا. پروگرام جي ڪاروائي نوجوان شاعر ۽ ڪالم نويس روشن شيخ ھلائي، رھاڻ واري ھِن تقريب ۾ غلام حسين مريءَ جي سالگرهه جو ڪيڪ پڻ ڪاٽيو ويو ۽ شرڪت ڪندڙ شاعرن،  اداڪارن ۽ سماجي اڳواڻن غلام حسين مريءَ کي اجرڪن، ٽوپين، گلن ۽ ڪتابن جا تحفا ۽ عمر دراز جون دعائون ڏنيون.