ٽنڊوباگو (ن پ ا) گهر ۾ آهن ٻارهن ڀاتي ڪلو اٽي تي گذارو آهي. ٽنڊوباگو جي نوجوان راڳي اخلاق احمد خاصخيلي پاران اٽي جو اگهه مهانگو ٿيڻ ۽ ملڪ ۾ مهانگائي چوٽ چڙهي وڃڻ تي ڳايل گيت (گهر ۾ آهن ٻارهن ڀاتي ڪلو اٽي تي گذارو آهي) سوشل ميڊيا تي وائرل ٿيڻ کان پوءِ مشهوري ماڻي ورتي آهي. سنڌ ۾ ڳاٽي ٽوڙ مهنگائي ۽ اٽي جو اگهه وڌي وڃڻ کانپوءِ ٽنڊوباگو جي نوجوان فنڪار اخلاق احمد خاصخيلي هڪ غريب شاعر ڏاڙهون ڏکايل جو ڳايل گيت سوشل ميڊيا تي وائرل ٿيڻ کان پوءِ هزارين ماڻهو اٽي جي مهانگائي تي ٺهيل هن گيت کي پسند ۽ شيئر ڪري رهيا آهن. شاعر پاران هن گيت ۾ غريب ماڻهن جي بهترين عڪاسي ڪئي وئي آهي.