اسلام آباد (بيورو رپورٽ) عمران خان جا عورت  جج کي ڌمڪيون ڏيڻ جي ڪيس ۾ ضمانت نه ٿيڻ جوڳا گرفتاري وارنٽ جاري ڪيا ويا، اسلام آباد جي عدالت پوليس کي عمران خان خلاف وارنٽس جي تعميل جو حڪم ڏئي ڇڏيو، عمران خان طلبي باوجود عدالت آڏو پيش نه ٿيو، ٻڌڻي دوران عمران خان جي وڪيل حاضري کان ڇوٽ جي درخواست داخل ڪندي چيو ته عمران خان سيڪيورٽي خدشن سبب پيش نه ٿي سگهيو آهي، عدالت حاضري کان ڇوٽ جي درخواست رد ڪندي ٻڌڻي 25 مئي تائين ملتوي ڪري ڇڏي.