عمرڪوٽ (رپورٽ: اوي گوسوامي)پيپلزپارٽي ۽ جي ڊي اي جي اميدوارن وچ ۾ ڇڪتاڻ تيز، يوسي کيجراڙي تي جي ڊي اي جي چيئرمين لاءِ اميدوار ۽ سندس پٽن مٿان ٻه ڌار ڌار ڪيس  داخل، عبوري ضمانت منظور، خبر موجب مڪاني چونڊ ويجهو ايندي ئي پيپلزپارٽي ۽ جي ڊي اي جي اميدوارن وچ ۾ ڇڪتاڻ واري صورتحال برقرار چار ڏينهن اڳ عمرڪوٽ جي آر او آفيس ۾ جي ڊي اي اميدوار غلام محمد مهر، سنجر خان مهر، نظر محمد مهر پيپلزپارٽي جي اميدوار ساجد شاھ جي وچ ۾ عتراض داخل ڪرائڻ تي ٻنھي گروپن جي وچ ۾ منهن ماري ٿي هئي آخرڪار گذريل رات دير سان آر او بلال احمد ڀٽي ۽ پيپلزپارٽي اميدوار ساجد شاھ جي فرياد تي عمرڪوٽ سٽي ٿاڻي تي جي ڊي اي اي جي اميدوارن غلام محمد مهر، سنجر خان مهر ۽ نظر محمد مهر خلاف ڊيوٽي اٽڪاءُ ۽ موتمار ڌمڪيون ڏيڻ جو ٻه ڌار ڌار ڪيس داخل ڪيا ويا آهن جنهن کان پوءِ جي ڊي اي اميدوار غلام محمد مهر، سنجر مهر ۽ نظر محمد مهر ڪالھه حيدرآباد جي هاءِ ڪورٽ ۾ ٽنهي ڄڻن جي 20_20 هزار رپين جي مچلڪن عيوض ڏھ ڏينهن جي عبوري ضمانت منظور ڪري ورتي آهي، رابطو ڪرڻ تي يوسي کيجراڙي تي بيٺل چئرمين جي اميدوار غلام محمد مهر چيو ته مونکي هٿ کڻائڻ لاءِ ڌٻاءُ وڌو پيو وڃي ۽ ڪيس داخل ڪرايا پيا وڃن جيڪڏھن چار ڏينهن پهرين منهن ماري ٿي آهي ته پوء گذريل رات دير سان ۽ چار ڏينهن بعد ڪيس داخل ڪرائڻ جو ڪهڙو جواز هو جڏهن ته ضمانت ڪرائڻ لاءِ عمرڪوٽ جي عدالت وياسين پئي ته پوليس جوڊيشل ڪمپليڪس جو گهيراءُ ڪري بيٺل هئا، هن وڌيڪ چيو ته عمرڪوٽ ۾ مقرر ٿيل آر او بلال احمد ڀٽي سميت سڀ پيپلزپارٽي سان واسطو رکندڙ مقرر ٿيل آهن انهن جي موجودگي ۾ صاف شفاف چونڊون ٿيندي نظر نه پيون اچن هن چيو ته هي مونکي گرفتار ڪرائي اليڪشن ڪئمپن کان روڪيو پيو وڃي.