حيدرآباد (بيورو رپورٽ) حيدرآباد ۾ مڪاني چونڊن جي اعلان جي باوجود يونين ڪاميٽين جي ايڊمنسٽريٽرز جي  مقررين ۽ بدلين جو سلسلو جاري آهي. سنڌ جي مڪاني ادارن واري کاتي تعلقي حيدرآباد سٽي جي 52 يونين ڪاميٽين لاءِ گريڊ 17هين جي ڪائونسل ملازم غلام شبير ڪولاچي کي ايڊمنسٽريٽر مقرر ڪيو ويو آهي. اهڙي ريت تعلقي لطيف آباد جي 44 يونين ڪاميٽين لاءِ منور حسين ملاح کي ايڊمنسٽريٽر طور مقرر ڪرڻ جو نوٽيفڪيشن جاري ٿيو آهي. ٻڌايو پيو وڃي ته انهن يونين ڪاميٽين ۾ مجموعي طور 12 ڪروڙ رپين کان وڌيڪ رقم پيل آهي ڇاڪاڻ ته ڊي سي حيدرآباد پنهنجي ايڊمنسٽريٽري جي دور ۾ انهن يونين ڪاميٽين مان پگهارن کانسواءِ باقي رقم خرچ ڪرڻ جي اجازت نه ڏني هئي. ڊي سي حيدرآباد کي ايڊمنسٽريٽري تان هٽائڻ واري عمل جي قومي عوامي تحريڪ پاران مخالفت ڪندي مطالبو ڪيو ويو آهي ته ايڊمنسٽريٽري جا اختيار ٻيهر ڊي سي حيدرآباد حوالي ڪيا وڃن. قومي عوامي تحريڪ جي اڳواڻ الطاف خاصخيلي جو چوڻ آهي ته نوان ايڊمنسٽريٽر مقرر ڪري ڪروڙين رپيا هڙپ ڪرڻ جي سازش رٿي وئي آهي ۽ گڏوگڏ مڪاني چونڊن ۾ ڌانڌلين جي لاءِ نوان ايڊمنسٽريٽر مقرر ڪيا ويا آهن.