عمرڪوٽ (رپورٽر) عمرڪوٽ پوليس مهينو اڳ ڦر دوران ٻن ڄڻن کي زخمي ڪرڻ واري واقعي ۾ ملوث ٻن جوابدارن کي گرفتار ڪري ورتو، هڪ جوابدار پوليس اهلڪار نڪتو، ڪيس داخل، خبر موجب هڪ مهينو اڳ عمرڪوٽ شهر جي موتي چوڪ تي فلور مل تان ڦر ڪرڻ ۽ ٻن ڄڻن سنتوش لوهاڻو ۽ اشوڪ لوهاڻو کي مزاحمت تي گوليون ھڻي زخمي ڪرڻ واري ڪيس ۾ پوليس ڍورونارو ويجهو ڪارروائي ڪري ٻن جوابدارن پوليس اهلڪار جان محمد چوپاڻ ۽ رفيق چوپاڻ کي گرفتار ڪري ورتو، پوليس موجب جوابدارن مٿان سنتوش ڪمار لوهاڻو جي فرياد تي ڦر جو ڪيس داخل ڪيو ويو آهي، واضع رهي ته ساڳي ئي ڪيس ۾ ٽي ڄڻا روپوش آهن، جن کي پوليس گرفتار ناهي ڪري سگهي.