ڪنري (ن پ ا) هڪ سال اڳ ڪنري ڀرسان چيل بند وٽ دڪاندار ڌنجي ڪولھي تي حملي ۽ ڦر جي ڪيس ۾ نامزد جوابدارن مالڪيو ساند ۽ ڏاڙھون ساند کي اسلام آباد پوليس گرفتار ڪرڻ بعد ڪنري پوليس حوالي ڪيو، جوابدارن جي سپريم ڪورٽ مان ضمانت رد ٿيڻ بعد ڪنري پوليس جي ٽيم اسلام آباد پھچي جوابدارن کي تحويل ۾ وٺي ايڊيشنل سيشن ڪورٽ عمرڪوٽ ۾ پيش ڪيو، جتي عدالت جوابدارن کي عمرڪوٽ جيل حوالي ڪري ڇڏيو.