لاهور (م ڊ) نواز ليگ جي سينيئر نائب صدر مريم نواز عمران خان کي نالو  وٺڻ کانسواءِ تنقيد جو نشانو بڻائيندي چيو آهي ته تون به ڪرپٽ آهين ته تونکي تحفظ ڏيندڙ جج به ڪرپٽ آهن، عمران خان جي بيان تي ردعمل ڏيندي مريم نواز چيو ته هي ڪرپشن ۽ احتساب کان بچڻ جو نيٽورڪ آهي، جيڪو هاڻ نه ٿيندو، مريم نواز عمران کي چيو ته تون ته ٻڏي رهيو آهين، پنهنجن نون سهولتڪارن کي به ڪٿان جو نه ڇڏيندين، هاڻ عمران خان لاءِ فيصلو ڪرڻ ڏکيو هوندو، هي 2018ع ناهي، عدليا پاران هاڻ تارازو هڪ طرف نه جهڪائي ويندي، ان تي ردعمل ايندو.