اسلام آباد/ لاهور(م ڊ) لاهور هاءِ ڪورٽ عمران خان کي سندس خلاف داخل 121 ڪيسز  جي جاچ ۾ شامل ٿيڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو آهي. جڏهن ته اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جوڊيشل ڪامپليڪس۾ ڀڃ ڊاهه جي ڪيس ۾ سندس ضمانت منظور ڪري ورتي آهي.  تفصيل موجب لاهور هاءِ ڪورٽ جي جسٽس علي باقر نجفي جي سربراهي ۾ 5 رڪني لارجر بئنچ ڪيسز ختم ڪرڻ بابت درخواستن تي ٻڌڻي هلائي، پي ٽي آءِ چيئرمين عمران خان سخت سيڪيورٽي انتظامن هيٺ لاهور هاءِ ڪورٽ آڏو پيش ٿيو، تحريڪ انصاف جي وڪيل بئرسٽر سلمان صفدر عمران خان خلاف داخل 121 ڪيسن جا تفصيل لاهور هاءِ ڪورٽ ۾ جمع ڪرائي ڇڏيا، بئرسٽر سلمان صفدر دليل ڏيندي چيو ته  روزانو عدالتن ۾ پيش ٿي رهيا آهيون، پنجاب ۾ اهڙا ڪيس داخل ڪيا ويا جن جو ڪو ثبوت ناهي، عدالت وڪيل جا دليل ٻڌڻ بعد ٻڌڻي سومر تائين ملتوي ڪري ڇڏي. ٻئي پاسي  اسلام آباد جي عدالت جڊيشل ڪامپليڪس اندر ڀڃ ڊاهه واري ڪيس ۾ عمران خان سميت ٻين اڳواڻن جي عبوري ضمانت ۾ 17 مئي تائين واڌ ڪري ڇڏي. پي ٽي آءِ اڳواڻ اسد عمر، حماد اظهر، عمر ايوب ۽ علي نواز اعواڻ اسلام آباد جي دهشتگردي ٽوڙ عدالت آڏو پيش ٿيا، وڪيل استدعا ڪئي ته عمران خان جي اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۾ 3 مئي تي ضمانت واري درخواست تي ٻڌڻي مقرر آهي، سندس عبوري ضمانت ۾ واڌ ڪئي وڃي، عدالت عمران خان سميت ٻين اڳواڻن جي عبوري ضمانت ۾ 17 مئي تائين واڌ ڪري ڇڏي