لاهور(م ڊ) پاڪستان تحريڪ انصاف جي اڳواڻ اعجاز الحق به اينٽي ڪرپشن جي ريڊار تي اچي ويو، لاهور ۾ طلب ڪيو ويو. تفصيل موجب پنهنجي پارٽي کي پي ٽي آءِ ۾ ضم ڪندڙ اعجازالحق تي اينٽي ڪرپشن پنجاب پاران ڪرپشن جا مختلف الزام هڻي جاچ شروع ڪئي وئي آهي، اعجازالحق کي غيرقانوني ڊولپمينٽ سوسائٽيون تعمير ڪرڻ تي اينٽي ڪرپشن لاهور آفيس ۾ گهرايو ويو، مٿس الزام آهن ته هن وائيٽل سٽي فيز 1 ۽ فيز 2 سميت پاسبان سٽي، الحق تائون، سروش ٽائون، رحمت ٽائون ۽ رحمت سٽي نالي ڊولپمينٽ سوسائٽيون غيرقانوني نموني تعمير ڪرايون آهن انهن جي ڪٿان به منظوري ورتل ناهي.