اسلام آباد (بيورو رپورٽ) اليڪشن ڪميشن عمران خان خلاف چونڊ ضابطن جي ڀڃڪڙي واري ڪيس جو فيصلو محفوظ ڪري ورتو، اليڪشن ڪميشن ۾ عمران خان جي وڪيل دعويٰ ڪندي چيو آهي ته عمران خان ڪڏهن جلسي لاءِ هيليڪاپٽر استعمال ناهي ڪيو، چيف اليڪشن ڪمشنر سوال ڪيو ته ڇا عمران خان ٿوري فاصلي تان هيليڪاپٽر تان لهي هليو ويو؟، وڪيل بيريسٽر گوهر تسليم ڪيو ته صرف هڪ ڀيرو ڀڃڪڙي ٿي آهي، هيليڪاپٽر بريفنگ لاءِ استعمال ٿيو، جلسي لاءِ ناهي ٿيو،  وڏي وزير کي فلڊ رليف ڪيمپ ۾ وڃڻو هو ته پي ٽي آءِ چيئرمين به ساڻس گڏ ويو، چيف اليڪشن ڪمشنر پي ٽي آءِ چيئرمين جي استعيفا منطور نه ٿيڻ باوجود ضمني اليڪشن وڙهڻ تي اعتراض واريو ۽ چيو ته آئين ۾ اهو ڪٿي لکيل آهي ته هڪ شخص ايم اين اي آهي ۽ اهو وڌيڪ 6 سيٽن تي اليڪشن وڙهي سگهي ٿو؟، اوهان جو ڪلائينٽ چوي ٿو ته استعيفائون منظور ناهن ٿيون، اسان وٽ جيڪي استعيفائون آيون، اهي منظور ڪيون ويون، ڪٿي آهن استعيفائون؟ ڏيڍ سئو استعيفائون کڻي اچو هن وقت ئي قبول ٿا ڪريون. عمران خان جي وڪيل چيو ته ٻيون استعيفائون قومي اسيمبلي جي سيڪريٽري وٽ پيل آهن. اليڪشن ڪميشن ڏانهن ناهن اماڻيون ويون. جنهن کان پوءِ اليڪشن ڪميشن عمران خان جي چونڊ اخلاقن جي ڀڃڪڙي واري ڪيس جو فيصلو محفوظ ڪري ورتو.