ڪراچي (اسٽاف رپورٽر ) تازين برساتن سنڌ جي قديم ماڳ رني ڪوٽ جي مختلف حصن کي جهوري وڌو، وزيراعليٰ مرادشاهه اينڊوومينٽ ٽرسٽ فنڊ ٽرسٽ (اي ا يف ٽي) کي قلعي کي پهتل نقصان جي جامع سروي جي هدايت، ان ڏس ۾ ٽرسٽ  جي سربراهه حميد آخوند پاران قلعي جي حالت بابت وزيراعليٰ کي رپورٽ پيش ڪئي وئي، رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته  تازين برساتن ۾ قلعي جو ڪجهه پراڻيون ڀتيون ڪمزور هجڻ ڪري  تيز برساتن کي برداشت نه ڪري سگهيون، جڏهن ته لينڊ سلائيڊنگ  ۽ هيٺاهين ۾ هجڻ ڪري اڳ ۾ بحال ڪيل  ڪجهه ڀتيون پڻ ڊهي پيون آهن، موهن گيٽ جون ڪجهه ڀتيون پڻ برساتي ٻوڏ سبب ٻڏي ويون آهن. حميد آخوند وڏي وزير کي ٻڌايو ته رني ڪوٽ جي ڀتين جا بنياد اونها ناهن، اهي ڀتيون پٿرن تي بيٺل هيون، جيڪي تيز برساتن سبب ڊهي پيون آهن، وزيراعليٰ  مراد علي شاهه حميد آخوند کي هدايت ڪئي ته هو رني ڪوٽ کي پهتل نقصان جو جامع سروي ڪرائي، جڏهن ته قديم آثارن جي بچاءُ  بابت ڊزاسٽر مينيجمينٽ سيل قائم ڪري جنهن ۾ سمورا اسٽيڪ هولڊرز شامل هجن. جڏهن ته ڊزاسٽر مينيجمينٽ بابت ڪانفرنس ڪوٺائي، وزيراعليٰ چيو ته   برساتي پاڻي جي ناڪاره نيڪال سسٽم سبب قلعي جي ڀتين کي گهڻو نقصان پهتو آهي، جنهن جي نتيجي ۾ قلعي جون ڀتيون ڪمزور ٿي ويون آهن